دادو(ن سنڌيار)دادو ڀرسان پي ايس رڪڻ جي ڳوٺ پاٽ شريف جي رھواسين جو پريس ڪلب دادو جي سامھون نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو تفصيل موجب؛پي ايس رڪڻ ڳوٺ پاٽ شريف جي رھواسين پريس ڪلب دادو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته نوجوان 30 سالا عاشق علي ولد علي محمد برھماڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن عثمان، منٺار، ساجو، سليم، محب، مير چانڊيو جي گرفتاري جي لاءِ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو مظاھرين ۾ غلام مصطفيٰ ، حاڪم، ماروي، مسمات حاڪم زادي برھماڻي ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو تہ اسان جي نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدار آزاد گھمي رھيا آھن ھر روز در تي اچي ڌمڪيون ٿا ڏين تہ ڪيس تان ھٿ کڻو نہ تہ اوھان جا ٻيا مرد ماريندس ھنن چيو تہ نوجوان بہ اسان جو قتل ٿيو ڌمڪيون بہ اسان کي ڏنيون وڃن ٿيون ھنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو آھي تہ اسان جي نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.










