مورو( مورائي اياز سولنگي) مورو ڀرسان نوان جتوئي واري علائقي ۾ انبن جي باغ ۾ نوجوان پورهيت محمد علي ولد برڪت علي چنه جو وڻ سان ٽنگيل لاش هٿ ڏيڻ بعد ايندڙ ماڻھن اهو لاش ڏسي اهڙو اطلاع سندس وارثن ۽ حد جي پوليس کي ڏنو ويو نوان جتوئي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽنگيل لاش کي هيٺ لاهي تعلقه اسپتال مورو آندو جتي سندس وارث پڻ پهتا پوليس جو چوڻ آھي ته اسان اطلاع ملڻ تي تي پھتاسين ته نوجوان جو لاش وڻ ۾ ٽنگيل هو جيڪو اسان مورو اسپتال آندو وڌيڪ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ بعد خبر پوندي ۽ اسان جانچ جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو آھي نوجوان جي وارثن چيو آھي ته اسانجي ڪنهن سان ڪنهن به دشمني ناهي هي خودڪشي نه ٿو ڪري سگهي اسان پورهيت جي تدفين کان پوءِ وڌيڪ جاچ ڪري ڪيس داخل ڪرائينداسين مذڪوره پورهيت نوجوان ضلع لاڙڪاڻي جي شھر باقراڻي جو رهواسي هو جيڪو هتي باغ ۾ مزدوري ڪندو هو ۽ ڪجھ ڏينهن کان هتي ترسيل هو آخري اطلاعن تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي.










