نوجوان جو مبينا اغوا، سولنگي برادري جو احتجاج،مدد جي اپيل

نوجوان جو مبينا اغوا، سولنگي برادري جو احتجاج،مدد جي اپيل

نوشهروفيروز (ن سنڌيار)نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ جمن سولنگي جي رهواسي سولنگي برادري جي ماڻهن عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏجي نوجوان جي مبينا اغو خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي مبينا اغوا نوجوان غلام رضا سولنگي جي پيءُ محمد ماڻڪ سولنگي ۽ امڙ نظيران ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جي پٽ غلام رضا کي ڪاروڪاري جي الزام ۾ 15 ڏينهن اڳ مائٽ عبدالله سولنگي , حزب الله سولنگي ۽ شمس الدين سولنگي وارا اغوا ڪري ويا آهي جنهن جو هيل تائين ڪوبه پتو پئجي ناهي سگهيو هنن چيو ته شڪ جي بنياد تي پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي اسان کي خدشو آهي ته پٽ کي ڪاروڪاري الزام هيٺ قتل نه ڪيو ويو هجي ڇو ته 15ڏينهن کان سندس ڪوبه پتو ناهي هنن چيو ته پٽ به اسان جي کي اغوا ڪيو ويو آهي ۽ ڪيس به اسان جي مٿان ڪري پوليس چڙهائي ڪرائي پئي جيڪا زيادتي آهي جنهن سبب اسان دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون هنن ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پٽ کي بازياب ڪرائي معامري جي صاف ۽ شفاف انڪوائري ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو