لاڙڪاڻو( عبدالوحيد ابڙو) نئون ديرو لڳ ڪيٽي ممتاز واسي کهڙا برادري پاران نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مقتول جو لاش ايس ايس پي چوڪ وٽ رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ڪيترائي ڪلاڪ ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي والد هدايت الله کهڙو، ڀاءُ محمد پيرل کهڙو، مولوي عبدالخالق کهڙو، محمد سليم کهڙو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل رات ڀٽا برادري جي ڪجھ هٿياربند جوابدارن پوليس پڪٽ وٽ بي گناھ اسان جي نوجوان اوشاق علي کهڙو کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اهڙو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ اسان ڪيٽي ممتاز ٿاڻي تي وياسين ته پوليس اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. احتجاج ڪندڙن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته اسان جي نوجوان اوشاق علي کهڙو کي پي ٽي آءِ اڳواڻ جي چرچ تي هٿياربندن بي گناھ قتل ڪيو جنهن لاءِ اسان جي نوجوان جو ڪيس بااثر وڏيري سميت سندس جي ساٿاري هٿياربندن خلاف داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايس پي چوڪ تي لڳل ڌرڻي وٽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري يقين ڏياريندي انصاف جي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.










