اسلام آباد: (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف توهين عدالت جي درخواست رجسٽرار آفيس جي اعتراضن سان گڏ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس اطهر من الله سومر تي درخواست جي ٻڌڻي ڪندو. وڪيل سيد ظفر علي شاهه بطور پٽيشنر اسلام آباد ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نوازشريف بيماري جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ جي اجازت سان پرڏيهه ويل هو نوازشريف کي پرڏيهه اماڻڻ لاءِ شهباز شريف حلفي بيان جمع ڪرايو. درخواست ڏيندڙ استدعا ڪئي ته نوازشريف مختلف عدالتن مان اشتهاري آهي شهباز شريف ۽ نوازشريف خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي. عدالت نوازشريف جي واپسي لاءِ حڪم جاري ڪري. درخواست ۾ وزيراعظم شهباز شريف، نوازشريف، وفاقي گهرو وزير ۽ پرڏيهي وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي. رجسٽرار آفيس طرفان اعتراض ڪيو ويو آهي ته حلفي بيان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي ان لاءِ درخواست جي لاءِ اهو ئي فورم ٺهي ٿو.










