نواز ۽ زرداري پلي بارگين ڪري سگهن ٿا، عمران

نواز ۽ زرداري پلي بارگين ڪري سگهن ٿا، عمران

اسلام آباد(ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري کي اين آر او نه ملندو، لٽيل دولت پلي بارگين ذريعي واپس ڪري جيڏانهن چاهن وڃي سگهن ٿا. هن انڪشاف ڪيو ته نواز شريف جي پٽن ٻن پرڏيهي سربراهن سان رابطو ڪري دٻاءُ وجهڻ لاءِ چيو پر انهن مونکي ٻڌايو ته هو پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪندا. اهڙو انڪشاف هن اي آر واءِ کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته 3 جولاءِ تي آءِ ايم ايف جي بورڊ جو اجلاس آهي جنهن ۾ پاڪستان لاءِ 6 ارب ڊالر منظور ٿي ويندا جنهن بعد ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر ٿيندي ۽ ڊالر جو ملهه گهٽ ٿيندو. ھڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڃا آرمي چيف جي مدت ۾ واڌ جو نه سوچيو آهي جڏهن وقت آيو ته فيصلو ڪبو، هن چيو ته فوج ۽ حڪومت جي ساڳئي سوچ آهي. هن چيو ته اپوزيشن وارا پاڻ ساڻس رابطو ڪن ٿا، اسان ڪنهن کي نه پيا ٽوڙيون. هن چيو ته مشرف اين آر او ڪري ملڪ کي نقصان پهچايو، 6000 ارب روپين جو قرض 30000 ارب ٿي ويو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ڦرلٽ ڪندڙ ۽ سياسي قيدي ۾ فرق هئڻ گهرجي، قانون ۾ ترميم ڪريو پيا ته دولت لٽيندڙ ۽ مني لانڊرنگ ڪندڙ عام سزا يافته قيدين سان گڏ رهن، کين جيل ۾ اي ڪلاس جي سهولت نه ملڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو