نواز ۽ آصف پنهنجو آرمي چيف آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪن پيا:عمران خان

نواز ۽ آصف پنهنجو آرمي چيف آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪن پيا:عمران خان

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري پنهنجو آرمي چيف آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن. فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته 2018ع جي چونڊ مهم دوران ملڪ ۾ بيروزگاري تمام گهڻي هئي، پاڪستان ۾ صنعتي زونز ختم ٿي رهيا هئا، فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائيل جون صنعتون بند ٿي رهيون آهن. عمران خان چيو ته اسان جي ساڍي 3 سالن جي دور ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ترقي ڪئي، ماڻهن کي روزگار مليو، اسان جي دور ۾ 4 فصل پيدا ٿيا، تحريڪ انصاف جي حڪومت هارين کي سندن حق ڏنو، هارين کي شگر مل مالڪن کان بروقت پئسا مليا. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان تاريخي ٽيڪس گڏ ڪيو، ملڪ جي دولت وڌي ۽ ڪرپشن گهٽ ڪئي، اسان پيٽرول جي قيمت گهٽ رکي، عوام تي بار نه وجهڻ ڏنو، اسان جي دور ۾ بجلي جي قيمت 18 رپيا في يونٽ هئي. عمران خان چيو ته اڄ مزدورن، هارين ۽ صنعتڪارن جون حالتون خراب آهن، مهانگائي آسمان تي پهچي چڪي آهي، 4 مهينن ۾ معيشت زمين تي اچي وئي آهي، ڪرپشن آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته قوم اسان تي چور مسلط ڪندڙن کان جواب گهري ٿي، اسان تي چور مسلط ڪندڙن غداري ڪئي، هنن چور اچي 1100 ارب رپين جي چوري معاف ڪري ڇڏي. عمران خان چيو ته هي ماڻهو ملڪ سنڀالڻ جي قابل نه رهيا آهن، ملڪ جون حالتون خراب ٿي رهيون آهن، آءِ ايم ايف به چيو ته جيستائين سياسي استحڪام نه ايندو، ملڪ جون حالتون خراب ٿينديون، مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌي ويندي، اليڪشن ٿيندي، اهي ڊڄن ٿا، کين خبر آهي ته اليڪشن ٿيندي ته سندن نالو ۽ نشان مٽجي ويندو. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته نومبر ۾ نئون آرمي چيف اچي رهيو آهي، آصف زرداري ۽ نواز شريف ٻئي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته اهڙو آرمي چيف آندو وڃي جيڪو سندن من پسند هجي، هو پنهنجو آرمي چيف آڻڻ چاهين ٿا، ڇو ته هنن پئسو چوري ڪيو آهي. کين ڊپ آهي ته ڪو آرمي چيف هتي ايندو، جيڪڏهن ڪو محب وطن آرمي چيف ايندو ته هو انهن کان پڇندو، ملاقات جو وقت مقرر ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو