ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ميان نوازشريف پنجاب کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏئي 30 سالن کان پوءِ به پنجاب جي سياست ڪئي، انهي کي پنجاب جي بجاءِ پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي ملڪي سطح تي بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ گهرجن.ڪوئٽه پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته بجلي جي بلن ۾ ادائيگي هاڻ وزيراعظم جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي، بجلي جا بل ادا ڪرڻ عوام لاءِ ممڪن نه رهيو آهي، حافظ نعيم چيو ته هاڻ خبر پئي ته بجلي نه ٺاهڻ جا پئسا ورتا ويا آهن. هنن ماڻهن پئسا به ورتا ۽ ٽيڪس به نه ڏنو. حڪومت آءِ پي پيز کي لغام ڏئي عوام کي رليف ڏئي آءِ پي پيز سان معاهدن ۾ حڪومتي ماڻهو به شامل آهن.هن چيو ته پوري ملڪ ۾ بدامني پکيڙيل آهي گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان بلوچستان ۾ ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، احتجاج ڪرڻ هر هڪ جو آئيني حق آهي احتجاج کي روڪڻ سان نفرتون پيدا ٿينديون آهن، هن چيو ته گم ٿي ويل ماڻهن جو مسئلو بلوچستان جو سڀني کان وڏو مسئلو آهي، گم ٿيل ماڻهن کي آئين موجب عدالتن ۾ آندو وڃي.جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته بلوچستان مان سوئس گيس نڪرندو آهي، پهريون حق اتان جي عوام جو آهي، سينڊڪ مان نڪرندڙ خام مٽيريل لاءِ فيڪٽري لڳائي وڃي بهاوالپور جيان هتي به سولر پارڪ ٺاهيو وڃي، هن چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي حق ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. بارڊر ٽريڊ کي هٿي ڏني وڃي. ايران مان سستي گيس جي فراهمي لاءِ به قدم کنيا وڃن.حافظ نعيم الرحمان چيو ته پهرين سيپٽمبر کان حق ڏيو عوام کي، حق ڏيو بلوچستان تحريڪ شروع ڪري رهيا آهيون، اسان پنهنجي تحريڪ پاڻ هلائينداسين، اسان کي ڪنهن جا به ڪلها نه کپن. ماڻهو ٻڌائين ته تحفظ آئين پاڪستان تحريڪ ڪٿي آهي؟










