نواز واپس نه آيو ته شهباز خلاف توهين عدالت ڪيس ٿيندو

نواز واپس نه آيو ته شهباز خلاف توهين عدالت ڪيس ٿيندو

اسلام آباد (بيورو رپوروٽ) قانون جي وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته نواز  شريف واپس نه آيو ته شهباز شريف توهين عدالت جو مرتڪب ٿيندو. هن چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل جو حڪومت کي حق آهي. عدالتي حڪم ۾ 4 هفتن ۽ انڊر ٽيڪنگ سميت سڀ اهي ڳالهيون شامل آهن جيڪي حڪومت چيون هيون. هنن انڊيمنٽي بانڊ بدران انڊر ٽيڪنگ ڏني. اهڙو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد اطلاعات بابت وزيراعظم جي معاون خصوصي ڊاڪٽر فردوس عاشق سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. فردوس اعواڻ چيو ته حڪومت انساني بنيادن تي خير سگالي جي جذبي هيٺ اهو فيصلو ڪيو.  فروغ نسيم چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ميرٽ تي ناهي، ميرٽ تي فيصلو جنوري ۾ ٿيندو. هن چيو ته نواز شريف جو علاج رياست نه ڪرائيندي، عدالتي حڪم سميت سموري صورتحال کان لنڊن هاءِ ڪميشن کي آگاهه ڪريون پيا. فردوس عاشق اعوان چيو ته وزيراعظم معاشي ماهرن جي ٽيم کي مبارڪ ڏني ته 4 سالن م پهريون ڀيرو تجارتي خسارو ختم ٿي سرپلس ٿيو آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪراڙن قيدين ۽ معمولي ڏوهن ۾ قيد ماڻهن جي ڊيٽا گهرائي آهي جيڪا صوبائي حڪومتون ڏينديون. هن ٻڌايو ته ڪابينا 2006 ۾ ٺهندڙ متبادل توانائي پاليسي جي نئين سر منظوري ڏني ۽ 8 نومبر تي پاڪ چين راهداري منصوبن جي ڏنل منظوري جي تائيد ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو