نواز مشرف اختلاف جنرل عزيز۽ 3 فوجي آفيسر برطرف ڪرڻ تان ٿيا،اعجازشاهه

ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) نواز شريف ۽ مشرف جي اختلافن جو وڏو سبب سندس فرمائش تي 3 فوجي آفيسر برطرف نه ڪرڻ هو، ٻيو اهم سبب مشرف جنرل عزيز کي آءِ ايس آءِ جو سربراهه ٺاهڻ چاهي پيو پر نواز شريف مخالف هو. اهڙو اظهار وفاقي گهرو کاتي وزير برگيڊيئر (ر) اعجاز شاهه دنيا نيوز جي ڪامران شاهد جي پروگرام ۾ ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. مختلف سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته نواز شريف کي گرفتار ڪرڻ وقت ٿڦڙون ڪون لڳيون هيون، مشرف کي جڏهن نواز شريف آرمي چيف ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ته اها خبر ۽ مبارڪ سڀني کان اڳ مون جنرل مشرف کي ڏني هئي. مشرف منهنجو سنگتي به هو فوج ۾ استاد به هو، نوازشريف جو مسئلو اهو آهي ته هو توبهه نٿو ڪري، توبهه ڪري وٺي ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. مان ضمانت کڻڻ لاءِ تيار آهيان بس هن جيڪو ڪمايو آهي ان جا اڌ پئسا ڏئي ڇڏي، ڇڏرائڻ  منهنجو ڪم آهي. پيپلز پارٽي پيٽرياٽ ٺاهڻ ۾ منهنجو ڪردار نه هو، بينظير سان ڪڏهن ڪونه مليو هئس، مون ڊيل جي باوجود هن جي وطن ورڻ جي مخالفت ڪئي تڏهن هن قتل جي سازش ۾ منهنجو نالو ڏنو، بينظير کي قتل بيت الله محسود ڪيو. هن چيو ته عمران خان ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندو. اعجاز شاهه وڌيڪ چيو ته مودي ڪشمير بابت قدم کڻي پنهنجي تابوت ۾ آخري ڪوڪو هڻي قائداعظم جي بيان کي صحيح ثابت ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان جا کنيل قدم ڀارت کي اڪيلو ڪري ڇڏيندا. والاريل وادي جي رهواسين جي ردعمل تي هن چيو ته ماڻهو ان انتظار ۾ آهن ته  ڪرفيو ختم ٿيندو ته دنيا ڏسندي پر جيڪا مون کي خبر آهي ته اتي سخت احتجاج شروع ٿي چڪو آهي ۽ ڀارتي فوجين کي سخت مزاحمت جو مقابلو آهي. پاڪستان جي ان معاملي تي ڪردار جي حوالي سان هن چيو ته ايترو جلدي عالمي برادري مان موٽ ملڻ جو ڪريڊٽ پرڏيهي وزارت ۽ وزيراعظم کي وڃي ٿو هنن دنيا کي ان حوالي سان فوري ۽ بروقت آگاهي فراهم ڪئي. متحده عرب امارات طرفان مودي کي ايوارڊ ڏيڻ تي هن چيو ته هر ملڪ جو پنهنجو معاشي مفاد هوندو آهي مان ان تي وڃڻ نٿو چاهيان پر ايتري پڪ اٿم ته متحده عرب امارات جي  حڪومت جو جيڪو به فيصلو هجي پر اتان جي عوام مڪمل طور تي  ڪشميري عوام سان بيٺل گڏ آهي. جهادي تنظيمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ ان جي اڳواڻن کي قيد ڪرڻ جي سوال تي هن چيو ته اسان کي دنيا کي ٻڌائڻو آهي ته اسان امن پسند شهري آهيون. پلوامه کان پوءِ جيڪو اسان جي حڪومت جو موقف رهيو آهي اهو اسان جي گهر ۾ ته تنقيد جو نشانو بڻيو آهي پر ان سان اسان جو اميج هو ته اسان دهشتگرد رياست آهيون ان ۾ تمام گهڻو فرق آيو آهي. اسان نيو ڪليئر پاور آهيون ۽ الله نه ڪري ته اسان ان اسٽيج تي پهچون جو جنگ ڪرڻي پوي. هن چيو ته جيڪڏهن جنگ ٿي ته جهاد جي لاءِ ماڻهن کي به گهرايو ويندو. ان موقعي تي هن اهو به اعلان ڪيو ته امين گنڊاپور سان گڏ مان به جنگ جي لاءِ ويندس. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۽ آزادي ڪشمير جي عوام کي اسان يقين ڏياريون ٿا ته  پاڪستان جي حڪومت، پي ٽي آءِ جي حڪومت ان تي مڪمل طور انهن سان گڏ آهي، عمران خان کي هنن جي تمام گهڻي فڪر آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ جي ٽياڪڙي ۽ ڪشميرين جي ان تي ڳڻتي ته هيڏانهن جو ڪشمير هوڏانهن وارن لاءِ ۽ هوڏانهن جو ڪشمير هيڏانهن وارن لاءِ تي اعجاز شاهه چيو ته ائين هاڻ ممڪن ناهي اسان ان تي جنگ ڪنداسين ۽ اسان اهو به چئي چڪا آهيون ته ڪشمير اسان جو اڻٽٽ حصو آهي ۽ جيڪو ان جي ٽياڪڙي ۾ پوندو اهو پاڻ ڦاسي ويندو. بهتر اهو ٿيندو ته اسان پاڻ ئي هن مسئلي کي حل ڪريون ۽ پرامن طريقي سان حل ڪريون.

پهنجو تبصرو موڪليو