اسلام آباد (اياز مهر) وزير اعظم جي معاون خصوصي اطلاعات و نشريات فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت پان ڪنهن جو نالو اي سي ايل ۾ نه وجهندي آهي ۽ ئي ڪڍندي آهي حڪومت ڪنهن پرائيويٽ ميڊيڪل بورڊ جي هدايت جي روشني ۾ فيصلو نه ٿي ڪري سگهي سرڪاري ميڊيڪل رپورٽ جو جائزو وٺڻ کان پوء ڪو فيصلو ڪيو ويندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف قومي احتساب بيورو جو ملزم آهي اسان کي نيب طرفان درخواست ملي آهي جنهن ۾ شريف ميڊيڪل سٽي جي ميڊيڪل بورڊ جون سفارشون آهن. واضح رهي ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف جو نالو اي سي ايل مان خارج نه ٿيڻ ڪري علاج لاءِ 10 نومبر تي لنڊن نه وڃي سگهيو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ٻن ڏينهن جي موڪل کان پوءِ سرڪاري ميڊيڪل بورڊ جي مشوري کان پوءِ وزارت قانون پنهنجي طريقيڪار مطابق درخواست جو جائزو وٺندي جنهن کان پوءِ ڪابينه فيصلو ڪندي ته نوازشريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي يا نه. پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي صحت بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڳوڻي صدر جي صحت جو ڪيس ميڊيا تي وڙهڻ بجاءِ ان جي پارٽي کي قانوني رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. آصف علي زرداري کي پيش ايندڙ طبي مسئلن بابت بيان بازي ڏيڻ بجاءِ درخواست ڏني وڃي.










