نواز شريف 2022 ختم ٿيڻ کان اڳ پاڪستان پهچي ويندو: خواجه آصف

نواز شريف 2022 ختم ٿيڻ کان اڳ پاڪستان پهچي ويندو: خواجه آصف

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) دفاع بابت وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف 2022ع ختم ٿيڻ کان اڳ پاڪستان پهچي ويندو.رپورٽ موجب دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران شهرين جا حق متاثر ٿيا ته سندن حفاظت ڪنداسين احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي پر آئين ۽ قانون جي حد کي پار نه ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ جيڪو ملڪ جو حال ٿيو آهي، ڪوبه هڪ ترقياتي ڪم ناهي ٿي سگهيو، عوام کي سمجهائيندا رهيا آهيون ته اهڙيون حالتون آهن.خواجه آصف چيو ته حڪومت ٻين سيڪٽرز مان پئسا ڪڍي متاثرين کي ڏئي رهي آهي. ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٿڌي موسم دوران رات گذارڻ امتحان کان گهٽ نه آهي. ٻوڏ جي امداد لاءِ ڪنهن کان به ناهي پڇيو ته اوهان ڪهڙي پارٽي سان تعلق رکو ٿا.دفاع واري وزير وڌيڪ چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي آفت جي شڪار متاثرين کي بنا ڪنهن فرق جي امداد ملڻ گهرجي. اهڙن معاملن ۾ حڪومت سياسي ترجيحات تي ڪم ناهي ڪري رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو