نواز شريف کي ڊي پورٽ ڪريو، پاڪستان جو برطانيا کي خط

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي ڊي پورٽ ڪرڻ لاءِ برطانوي حڪومت کي خط لکي ڇڏيو آهي. پرڏيهي کاتي جي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي ان جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته هن لکيل خط ۾ چيو آهي ته پاڪستاني عدالتن مان نواز شريف سزا يافته آهي اوهان پاڪستاني قانون ۽ عدالتن جو احترام ڪندي کيس ملڪ بدر ڪريو. هو علاج لاءِ لنڊن ويو هو پر عدالت پاران ڏنل مدت ختم ٿي چڪي آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو هو ته پنجاب حڪومت سندس مدت ۾ واڌ جي درخواست رد ڪندي وفاق کي چيو آهي ته کيس واپس آڻڻ لاءِ انتظام ڪريو. ميان نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ احتساب عدالت پاران سزا ملڻ بعد جيل ۾ هو ته سندس طبيعت خراب ٿي وئي هئي جنهن بعد حڪومت ميڊيڪل بورڊ جوڙيو هو جنهن جي سفارش تي کيس عدالتي حڪم تي 19 نومبر تي پرڏيهه موڪليو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو