نواز شريف کي پارٽي صدارت لاءِ اهل قرار ڏيڻ واري درخواست رد

نواز شريف کي پارٽي صدارت لاءِ اهل قرار ڏيڻ واري درخواست رد

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ نوازشريف جي پارٽي صدارت تي بحاليءَ واري درخواست ٻڌڻ جوڳي نه قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي، جسٽس علي باقر نجفي تي ٻڌل بينچ نواز شريف جي درخواست تي اعتراض جي ٻڌڻي هلائي عدالت رجسٽرار پاران درخواست تي لڳايل اعتراض کي برقرار رکندي درخواست خارج ڪري ڇڏي، گذريل ڏينهن رجسٽرار اعتراض ڪيو هو ته نوازشريف کي سپريم ڪورٽ نااهل قرار ڏنو هو درخواست گذار کي بحاليءَ لاءِ سپريم ڪورٽ سان ئي رجوع ڪرڻ گهرجي، نوازشريف درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن اين اي 95 ميانوالي تان عمران خان کي نااهل قرار ڏنو پر کيس پارٽي صدارت تان نه هٽايو ويو آهي درخواست ۾ نوازشريف پاران به پارٽي صدارت تي بحال ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو