نواز شريف کي انصاف جي خاطري ڏيو هو شام ئي اچي ويندو، مريم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آھي تھ زيادتي جي واقعن تي عمران خان جي بيان سان ريپسٽ کي حوصلو ملندو، عورتن جي لباس کي لڄالٽ واقعي سان ڳنڍڻ تي عمران خان جي ذهنيت ظاهر ٿئي ٿي، ڇا ننڍن ٻارن سان ريپ جا واقعا به سندن ڪپڙن جي ڪري پيش آيا، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ سرڪار تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي، اسلام آباد ۾ نواز شريف جي سزائن خلاف اپيل جي ٻ+ڻي واري ڪيس بعد هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته توهان کي ملڪي اثاثا گروي رکڻ جو ڪوبه حق ناهي، مئل حڪومت کي هلائڻ لاءِ جِن ڪلهن جي ضرورت آهي، اُنهن کي بچائڻ لاءِ ملڪ کي داءُ تي به لڳائي سگهن ٿا، سليڪٽيڊ حڪومت جو پارليامينٽ سان ڪوبه واسطو نه آهي، سندن اسٽيڪ ٻئي هنڌ جُڙيل آهي، عثمان ڪاڪڙ جي موت تي سوال اُٿيا آهن ته معاملي جاچ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن آواز دٻائڻ لاءِ عثمان ڪاڪڙ کي قتل ڪيو ويو آهي ته اُن سان آواز دٻائي نٿو سگهجي، اهڙن قدمن سان آواز دٻجڻ بدران وڌيڪ آواز اُٿندا، مريم نواز پنھنجي والد نواز شريف بابت ڳالھائيندي چيو تھ نواز شريف جي تحفظ جي ضمانت ڏيو ته اڄ ئي کيس گھرائي وٺنديس، نواز شريف فرار ناهي ٿيو. ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ميان نواز شريف جي غير موجودگي ۾ اپيلن جي ٻڌڻي بابت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو