نواز شريف پنجاب حڪومت کي ضمانت ۾ واڌ جي درخواست ڏئي ڇڏي

لاهور (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ضمانت ۾ واڌ لاءِ چيف سيڪريٽري پنجاب وٽ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي. نوازشريف جي ضمانت ۾ واڌ لاءِ داخل درخواست ۾ ان جي وطن واپسي جي ڪا به تاريخ نه ٻڌائي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف جي طبيعت هن وقت تائين ٺيڪ نه آهي ان لاءِ ٻاهرين ملڪ کان واپس نه ٿو اچي سگهي لنڊن ۾ نوازشريف جون علاج لاءِ ٽيسٽون ٿي رهيون آهن رپورٽون اچڻ کان پوءِ صورتحال واضح ٿي ويندي. واضح رهي ته نوازشريف کي طبي بنيادن تي ضمانت ملي هئي ۽ انهيءَ بنياد تي ان کي لنڊن وڃڻ جي اجازت ڏني وئي هئي ۽ جيڪو هن وقت به لنڊن ۾ موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو