نواز شريف پاران اشتهاري قرار ڏيڻ وارو فيصلو چيلنيج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف توشه خانه ريفرنس ۾ اشتهاري ڏوهاري قرار ڏيڻ واري احتساب عدالت جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي چيلينج ڪري ڇڏيو. نواز شريف پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس طلبي جو اشتهار جاري ڪري آخري موقعو ڏنو ويو، نيب بنا جواز اپوزيشن پارٽيز کي انتقام جو نشانو بڻائي رهيو آهي، درخواست ۾ اشتهاري قرار ڏيڻ وارو عدالتي فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ نمائندي ذريعي ٽرائل جي اجازت ڏيڻ جي استدعا به ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو