لاهور)ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته نواز شريف هميشه سياست کان وڌيڪ رياست کي اهميت ڏني پر عمران خان پيرن جي گهر ويو ۽ پيرن سان واپس آيو.لاهور جي علائقي شام نگر جي يو سي 73 ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر چيو آهي ته مريم نواز جي اچڻ سان ڪارڪنن کي اميد جي کرن نظر اچي رهي آهي.هن چيو ته نواز شريف هميشه سياست کان وڌيڪ رياست کي اهميت ڏني، اڄڪلهه خبرون اچي رهيون آهن ته فلاڻي پير عمران خان سان گڏ ٿي ويا، جڏهن ته عمران خان پير جي گهر ويو ۽ پيرن کي کڻي آيو.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان کان ڇو نٿا پڇن ته ڇهه لفظ آيا آهن يا نه؟










