اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان سندس صحت کي سخت ڳڻتي جوڳي قرار ڏيندي چيو ته سندس بيماري جي جلد تشخيض ضروري آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته ميڊيڪل بورڊ هني کي اسٽيرائيڊز گهٽ ڪيا آهن ته سندس پليٽيليٽس به گهٽ ٿي رهيا آهن. ڪالهه سندس پليٽيليٽس 38 هزار ٿي ويا هئا. سروسز اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر سليم چيمه به نواز شريف جي صحت کي غير اطمينان بخش قرار ڏنو آهي سندس بيان جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. هن ٻڌايو آهي ته نواز شريف جي شگر 200 کان وڌي 375 ٿي وئي آهي کيس گردن جي بهتر فنڪشن ڪرڻ لاءِ اسٽيرائيڊس ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ففٽي ففٽي واري ڳالهه درست آهي، هن گهڻيون بيماريون آهن هڪ ٺيڪ ٿئي ٿي ته ٻئي بگڙي ٿي وڃي، دوائن ۾ توازن رکڻ وڏو چيلينج آهي. سندس پليٽيليٽس ڏيڍ لک کان وڌيا ته پوءِ کيس فٽ قرار ڏنو ويندو.










