اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ميان نواز شريف جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر محمود اياز چيو آهي سندس مريض جو بون ميرو درست ڪم ڪري رهيو آهي پر رت جي خلين کي ٽوڙيندڙ مرض لاحق اٿس جنهن کي ٿرومبوسائيٽوپينيا چئبو آهي اهو قابل علاج مرض آهي، جنهن سبب سندس پليٽيليٽس هيٺ مٿي ٿين ٿا. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته خميس تي سندس پليٽيليٽس جيڪي 7 هزار ٿي ويا هئا اهي 20 هزار ٿي ويا آهن. رات جو وري سندس پيلتيليٽس وري 6 هزار ٿي ويا هئا. پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان مريم نواز کي اسپتال منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ان ڏس ۾ قانوني تقاضا پوري ڪئي پئي وڃي. اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي ڪڊني اينڊ لورانسٽيٽيوٽ ٽيسٽن ڪرائڻ لاءِ چيو ويو پر هن وڃڻ کان انڪار ڪيو. هوڏانهن ميان شهباز شريف نواز شريف جي چوڌري شگر ملز ڪيس جنهن ۾ هو نيب وٽ جسماني رمانڊ تي آهي ان مان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ درخواست جمع ڪرائي جنهن ۾ عدالت احتساب ڪورٽ کان جمع تي رپورٽ طلب ڪندي سروس اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر محمود اياز کي طبي رپورٽس سان گڏ خود پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته مريم نواز به ڌار ضمانت جي درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي آهي. ٻئي پاسي شهباز شريف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف جي طبي بنياد تي سزا معطل ڪري اپيل جي فيصلي تائين ضمانت تي آزاد ڪرڻ واري درخواست داخل ڪرائيندي عدالت کي خميس تي ئي سماعت لاءِ چيو. جيڪا پڻ ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي اسلام آباد هاِ ڪورٽ جمع تي وفاقي ۽ پنجاب جي گهرو وزيرن، نيب ۽ پنجاب جي چيف سيڪريٽر کان جواب طلب ڪرڻ لاءِ کين نوٽيس جاري ڪيا. نواز شريف جي طبي بنياد تي سزا معطلي لاءِ شهباز شريف طرفان داخل ڪرايل درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار اعتراض واريا ته هو متاثره ڌر ناهي. جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل 2 رُڪني بينچ شهباز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران نواز ليگ اڳواڻ جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏنا. ٻڌڻيءَ دوران جسٽس عامر فاروق پُڇيو ته ڇا نواز شريف پاڻ درخواست داخل ڪرڻ جي حالت ۾ نه آهي، جنهن تي وڪيل خواجه حارث چيو ته لازمي ناهي ته نواز شريف پاڻ ئي درخواست داخل ڪري، سندس ڀاءُ سزا معطلي لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي. جنهن تي عدالت چيو ته سڀاڻي نواز شريف چوي ته مان درخواست ناهي ڏني، گهٽ ۾ گهٽ سندس صحيح هجڻ گهرجي. ٻڌڻيءَ دوران شهباز شريف جي وڪيل خواجه حارث اعتراض ختم ڪرڻ جي حق ۾ عدالتي مثال به بئنچ آڏو پيش ڪيا. ٻڌڻيءَ دوران جسٽس محسن اختر ڪياني پُڇيو ته جيڪڏهن نواز شريف ٺيڪ آهي ۽ صحيح ڪري سگهي ٿو ته پو ءِ پاڻ درخواست ڇو نه داخل ڪرائي؟ سڀاڻي جيڪڏهن نواز شريف چوي ته هُن درخواست داخل ڪرائڻ لاءِ نه چيو هو ته پوءِ؟ وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن هو ائين چوي، تڏهن به فرق نٿو پوي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن نواز شريف صحيح ڪري سگهي ٿو ته پوءِ اُن کي پاڻ کي درخواست داخل ڪرڻ ڏيو، اسان سمجهون ٿا ته معاملو حساس هوندو، تنهن ڪري توهان درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ اڄ مقرر ڪرڻ جي به درخواست داخل ڪرائي. خواجه حارث چيو ته هاڻ معاملو ڳڻتي جوڳو ٿي ويو آهي، ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. نواز شريف نيب جي حراست هيٺ لاهور جي سروسز اسپتال ۾ داخل آهي، کيس ڊينگي نه آهي، مرض جي تشخيص نٿي ٿئي نواز شريف جو بون ميرو رت جا اڇا جُزا پيدا نٿو ڪري. تنهن ڪري عدالت کي استدعا آهي ته نواز شريف جي سزا معطلي واري درخواست سڀاڻي ٻڌڻيءَ لاءِ مقررڪئي وڃي. عدالت چيو ته سڀاڻي ڊبل بينچ دستياب نه هوندي پر خصوصي بينچ سماعت ڪندي.










