لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف پنهنجي ڀاءُ، والده، نياڻي ۽ ناٺي سان گڏ جاتي امرا منتقل ٿي ويو. مريم نواز جي ضمانت منظور ٿيڻ ۽ رهائي جو حڪم جاري ٿيڻ بعد خاندان سان گڏ گهر پهتي. مريم اورنگزيب ميڊيا کي ٻڌايو ته ميان نواز شريف جي طبي نگهداشت بدستور جاري رهندي ۽ جاتي امرا ۾ آءِ سي يو قائم ڪيو ويو آهي جتي مصنوعي ساهه کڻڻ، دلي جي نگراني سميت هر سهولت شريف ميڊيڪل سٽي مان منتقل ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر عدنان جي سربراهي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم 24 ڪلاڪ سندس طبي نگراني تي مقرر هوندي. شهباز شريف والده کي ساڻ ڪري اسپتال پهتو. ليگي ڪارڪنن ڀرپور خوشي جو اظهار ڪيو. ميان نواز شريف پنهنجي والد ۽ گهرواري جي قبرن تي فاتحه به پڙهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو ڪجهه ڏينهن ۾ ميان نواز شريف پرڏيهه هليو وڃي.










