سيالڪوٽ (ويب ديسڪ) اطلاعات بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون داڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ايندڙ هفتي وفاقي حڪومت نواز شريف کي ڊي پورٽ ڪرڻ لاءِ برطانيا حڪومت کي خط لکندي. اهڙو اظهار هن سيالڪوٽ م پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي جواب ۾ ڪيو. هن چيو ته پنجاب حڪومت وفاقي حڪومت کي نواز شريف جي واپسي لاءِ انتظام ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي آهي ۽ ايندڙ هفتي وفاقي حڪومت ان باري ۾ فيصلو ڪندي. هن چيو ته نواز شريف مختلف ٽي وي چينلز سان ميچ فڪس ڪئي ۽ مسلسل اهڙيون خبرون هلايون ته جيڪڏهن کيس پرڏيهه نه موڪليو ويو ته هن جي جان ويندي. ان ۾ جيڪي ملوث آهن انهن کي به وائکو ڪيو ويندو. مهنگائي بابت هن چيو ته وزيراعظم جي ذاتي ڪوششن بعد مهنگائي ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ عوام کي رليف ڏنو پيو وڃي.










