لاهور (ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽر محمود اياز جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي تلي يعني spleen ٺيڪ ڪم نٿي ڪري جنهن جي ڪري پليٽيليٽس هيٺ مٿي ٿي رهيا آهن. هن کي هڪ دوا شروع ڪرائي آهي ۽ ٻئي دوا مڪمل ٽيسٽ نتيجا اچڻ بعد ڏينداسين. پاڪستان جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ واحد شخص ميان نواز شري جي سروسز اسپتال ۾ طبيعت بگڙي وئي سندس پليٽيليٽس 29 هزار مان گهٽجي 7 هزار ٿي ويا. کيس ٻيهر پليٽيليٽس وڌائڻ لاءِ طبي امداد جاري، ڪراچي ۽ اسلام آباد مان ماهر ڊاڪٽر ايمرجنسي ۾ لاهور گهرايا ويا، مريم نواز کي عمران خن جي هدايت تي هڪدم ڪوٽ لکپت جيل مان ملاقات لاءِ اسپتال پهچايو ويو. جتي والد سجي خراب حالت ڏسي سندس طبيعت بگڙي و؟ي هنکي وي آءِ پي ٽو ۾ داخل ڪري طبي امداد ڏني وئي جنهن بعد حالت بهتر ٿيڻ تي واپس کيس ڪوٽ لکپت جيل پهچايو ويو. پنجاب جي وزير صحت ياسمين راشد شهباز شريف جي موجودگي ۾ ميان نواز شريف جي عيادت ڪئي ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندس طبيعت بهتر آهي ۽ هن علاج ۽ مليل سهولتن تي اطمينان ظاهر ڪيو آهي. ياسمين راشد ٻڌايو ته هن وزيراعظم عمران خان پاران نيڪ تمنائن جو پيغام به پهچايو. اربع تي شهباز شريف، احسن اقبال، خواجا آصف، خرم دستگير ۽ ٻين کي عيادت ۽ ملاقات جي اجازت ملي هئي. احسن اقبال چيو آهي ته ميان نواز شريف جي صحت بابت نيب غلط بياني ڪري رهي آهي، هنن وڏي غفلت ڪئي آهي. نيب اهڙا الزام رد ڪندي چيو آهي ته کيس هر ممڪنه سهولت ڏني آهي هو پنهنجي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان کانسواءِ ڪنهن کي ڏيکارڻ لاءِ تيار ناهي. عمران خان چيو آهي ته هو سندس موت جو ذميوار نه هوندو ڇو ته هو نه ڊاڪٽر آهي ۽ نه سزا ڏيندڙ جج. هن پنجاب جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته ملڪ مان جتان چاهي سندس علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏيوس، بهترين ماهر ڊاڪٽر مهيا ڪري ڏيوس. ذاتي معالج به دستياب هجيس. ياد رهي ته ميان نواز شريف جي پٽ حسين نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن صفدر کيس زهر ڏيڻ جو الزام لڳايو هو. ياد رهي ته ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ اڳ ۾ چيو هو ته ميان صاحب بيماري جو بهانو ڪيو آهي ۽ هو هريسه ۽ نهاري کائيندو ته دوا ڪم ڪٿان ڪندي، پليٽيليٽس ته ان سان وڌندا.










