نوازکي بنا ثبوت جي سزا ڏنم، جج جي ڪلپ مريم نواز جاري ڪري ڇڏي

نوازکي بنا ثبوت جي سزا ڏنم، جج جي ڪلپ مريم نواز جاري ڪري ڇڏي

لاهور(ڊيسڪ رپورٽ) مريم نواز احتساب عدالت جي جج محمد ارشد ملڪ جي وڊيو ڪلپ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ جج چوي ٿو ته نواز شريف خلاف ڪرپشن جو ڪو به ثبوت نه مليو ۽ نه ئي حسين نواز هڪ پائي پاڪستان مان ٻاهر کڻي ويو. لاهور ۾ ميان شهباز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته هن ثبوت بعد هڪ منٽ به نواز شريف کي جيل ۾ رکڻ جو ڪو جواز ناهي.

هن ٻڌايو ته پارٽي ڪارڪن ناصر بٽ جي جج ارشد ملڪ سان پراڻي ڏيٺ ويٺ آهي ۽ هن سان ڳالهائيندي جج چيو ته نواز شريف کي بنا ثبوت سزا ڏيڻ وارو فيصلو سندس ضمير تي ٻوجهه آهي. مريم چيو ته جج ناصر کي ٻڌايو ته کيس ڪجهه ماڻهن هڪ جاءِ تي گهرايو ۽ هن کي پنهنجي غير اخلاقي حرڪتن جي ويڊيو ڏيکاري چيو ويو ته نواز ڪيس ۾ انصاف ڪرڻو آهي. جج جي بقول ته هن کان اڳ ۾ فيصلو ورتو ويو ۽ هن وٽ خود ڪشي ڪرڻ جهڙي صورتحال هئي. مريم ڌمڪي ڏيندي چيو ڪو به شرارت نه ڪري ۽ جيڪڏهن ڪنهن شرارت ڪئي ته مون وٽ ان کان وڌيڪ ثبوت آهن ۽ نالا به آهن ۽ مونکي مجبور نه ڪيو وڃي ته اهي نالا ظاهر ڪريان. هن چيو ته منهنجو ڪنهن اداري سان ڪو جهيڙو ناهي، مان چاهيان ٿي نواز شريف سان انصاف ڪيو وڃي. هن چيو ته جج کي ويڊيو ڏيکاري بليڪ ميل ڪري فيصلو لکرايو ويو. هن اعلان ڪيو ته هوءَ حڪومتي پابندي جي باوجود آچر تي منڊي بهاءُالدين ۾ جلسو ڪندي. هوڏانهن وزيراعظم جي مشير فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ان ڪلپ جي درست يا غلط هئڻ جو تعين ڪنداسين ته ان جي حقيقت ڇا آهي. هن چيو ته هي آڊيو ويڊيو ڪلپ ايڊٽ ڪري پيش ڪرڻ جا ماهر آهن، ان جي جاچ ڪبي. هن چيو ته ناصر بٽ ڏوهاري آهي ان تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي. هن مريم کي صلاح ڏني ته اها ويڊيو ڪلپ کڻي عدالت مان انصاف حاصل ڪري

پهنجو تبصرو موڪليو