راڻيپور(نديم شيخ) ڄامڙا برادري جي چيف سردار نظير احمد خان ڄامڙو پاران بي اين پي اڳواڻ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ سينيٽر لشڪري رئيساڻي، اڳوڻي وفاقي وزير همايون خان ڪڙڪ جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار لشڪري خان رئيساڻي چيو ته مولانا فضل الرحمان جي پارٽي ملڪ ۾ اھم حيثيت رکي ٿي مولانا فضل الرحمان وزيراعظم جي استعيفيٰ واري موقف تان پوئتي هٽي ويو آھي عمران خان ھميشه يوٽرن ورتو آھي نوازشريف سان ڊيل ٿيندي نظر اچي رھي آھي. بلوچستان ۾ ھميشه سليڪٽيڊ حڪومت رھي آھي ساحلي پٽي تي قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته آصف زرداري جي طبيعت شديد ناساز آھي پر ان باوجود هو ضمانت جي درخواست نه ڏئي پارٽي لاءِ قرباني ڏئي رھيو آھي هن چيو ته ھميشه ملڪ جي اصل حڪمرانن کان ٻڌو آھي ته ملڪ کي خطرو آھي ڪرتارپور راھداري جا حمايتي آھيون پر صوبن جون راھون بند ڪيون پيون وڃن1950۾ ھڪ معاهدو ڪيو ويو ته ايران ۽ پاڪستان جي 35 ڪلوميٽرن تائين ٻنھي ملڪن جا رھواسي ھڪ ٻئي ڏي اچي وڃي سگھن ٿا پر ان تي عمل نه ٿيو گوادر پورٽ جي معاملي تي بلوچستان جي حقيقي ليڊر شپ کي اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي. هن چيو سردار نظير احمد خان ڄامڙو سان پراڻو تعلق آهي هن جي رهائش گاهه کي پنهنجو گهر سمجهون ٿا. ان موقعي تي يوسي جهنڊو مشائخ جو چيئرمين ايڊووڪيٽ سردار زادہ فدا احمد ڄامڙو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان کان اڳ سردار لشڪري خان رعيساڻي درگاہ غوثيه دستگير راڻيپور جي اڳوڻي گادي نشين سيد غلام غوث المعروف پير بگن شاہ جيلاني جي لاڏاڻي تي سندس وارثن درگاهه جي گادي نشين پير سيد سورج دستگير شاه جيلاني سان تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي.










