نوازشريف جي واپسي لاءِ برطانيه کي چئي ڇڏيو آهي،شهزاد اڪبر

نوازشريف جي واپسي لاءِ برطانيه کي چئي ڇڏيو آهي،شهزاد اڪبر

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته نوازشريف کي پاڪستان حوالي ڪرڻ جو جو برطانيه کي چيو آهي  ان حوالي سان هاڻ فيصلو برطانيه کي ڪرڻو آهي. وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته هر ماڻهو ۽ هر اداري کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو آهي. هن جو چوڻ هو ته سليم مانڊوي والا سميت  سينيٽ جا سمورا ميمبر احترام جوڳا آهن. پارليامينٽ ۾ قانون سازي ڪرڻي آهي. هن چيو ته ڪنهن اداري جي آفيسر کي پن پوائنٽ ڪرڻ مناسب نه آهي. جيڪڏهن ڪوبه ميمبر ڪنهن کي چيڪ ڏي ۽ اهو بائونس هجي ته ايس ايڇ او ايف آءِ آر ڏيندو.شهزاد اڪبر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايف آءِ آر هجي ته پارليامينٽ جو ميمبر چوندو ته منهنجو استحقاق متاثر ٿيو آهي ۽ پارليامينٽ ۾ گهرائي وٺنداسين؟ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي حوالگي سان ڳالهيون ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته برطانيه مان ڊي پورٽيز جي فلائٽ جو نوازشريف جي معاملي سان ڪوبه تعلق نه هو. هن چيو ته نوازشريف جي پاڪستان حوالي ڪرڻ بابت ڪم ڪري رهيا آهيون.نوازشريف جي ڊيپورٽيشن جو برطانيه کي چيو آهي پر اڃان برطانيه کي ان تي فيصلو ڪرڻو آهي. شهزاد اڪبر وڌيڪ چيو ته اسان ڊي پورٽ ٿيندڙن جي باري ۾ برطانيه کان تفصيل گهريا هئا. ماضي ۾ ٻارن سان زيادتي جو هڪ سزا يافته برطانيه مان اچي ويو هو، اسان چاهيون ٿا جيڪي به ڊي پورت ٿي اچن ان جو رڪارڊ اسان وٽ موجود هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو