نوازشريف جو آصف زرداري سان رابطو، لانگ مارچ بابت ڳالهيون

نوازشريف جو آصف زرداري سان رابطو، لانگ مارچ بابت ڳالهيون

لاهور: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري کي ٽيليفون ڪري عمران خان جي لانگ مارچ تي ڳالهيون ڪيون ۽ سندس جلد صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.رپورٽ موجب اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي صدر وچ ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. جڏهن ته ننڍين چونڊن تي صلاح مشوري ۽ عمران خان جي لانگ مارچ تي به ڳالهيون ڪيون ويون.ذريعن موجب آصف زرداري مريم نواز، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي ڪيسن مان بريت تي نوازشريف کي مبارڪباد پڻ ڏني.ذريعن موجب نوازشريف آصف زرداري جو ٿورو ادا ڪندي کيس اسپتال مان گهر منتقل ٿيڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي سندس جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو