خيرپور(محمد علي جانوري ) سروري جماعت جو روحاني پيشوا ايم اين اي مخدوم جميل الزمان، نواب علي وساڻ جي رهائشگاه وساڻ هائوس خيرپور تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عوام وفاقي حڪومت کان بيزار ٿي چڪو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته وفاقي حڪومت پنهنجو مدو پورو نه ڪندي ۽ 2020ع اليڪشن جو سال ٿي سگهي ٿو، ملڪ جي موجوده صورتحال انتهائي نازڪ آهي داخلي ۽ خارجه پاليسيون ناڪام ٿي چڪيون آهن، بيروزگاري سبب ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، عمران نيازي جيڪي واعده ڪيا هئا انهن مان هڪ به پورو نه ڪيو آهي نوجوان ڊگريون هٿن ۾ کڻي نوڪرين لاءِ پريشان گهمندا وتن ٿا پر وفاقي حڪومت جي ڪن تي جونئن به نٿي چري، وزير اعظم جي ڪراچي واري دوري دوران جي ڊي اي جي اڳواڻن سان ملاقات ۾ سازشن جا خدشا نظر اچي رهيا آهن، عمران خان جو ڪراچي جي دوري جو ڪراچي جي عوام کي فائدو ملي سگهي ٿو، اندروني سنڌ کي ڪو به فائدو نه پهچندو، وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي سنڌ کي پنهنجو حصو نه پيو ڏنو وڃي، حالانڪ پاڪستان کي ٺاهڻ ۾ سنڌ جو وڏو ڪردار آهي اسان سنڌ صوبي سان زيادتي ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ مخدوم جميل الزمان چيو ته اٽي جي بحران ۾ ڪنهن وڏي طاقت جو هٿ آهي هاڻي وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته ان معاملي جي ڪيئن تحقيقات ڪري ٿي.جڏهن ته نواب علي وساڻ ۽ فدا حسين وساڻ جن سان امڙ جي وفات تي تعزيت جو سلسو وساڻ هائوس خيرپور ۾ جاري آهي. تعزيت ڪندڙن ۾ ايم اين اي شگفته جماڻي، ايم اين اي سردار مير احسان الله مزاري، ايم اين اي خواجه سهيل، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، ايم پي اي سردار عابد خان سندراڻي، ايم پي اي پير مجيب الحق، اڳوڻو صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار، ايم پي اي هير سوهو، ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو، ايم پي اي تنزيلا، اڳوڻو ايف آءِ اي ڊائريڪٽر بشير احمد ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي سيد ذوالقار شاهه، ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا، ايڊيشنل ڪمشنر سکر ابوالاعليٰ ڀٽي، ارسلان اسلام شيخ ميئر سکر، ڊاڪٽر ارشد مغل سکر، ڊاڪٽر عبدالستار، مير اسرار سندراڻي، منير احمد قريشي، سيد اجمل شاهه، ايڊووڪيٽ انور علي چنه، رحيم بخش ميتلو ۽ ٻيا شامل هئا.










