نوابشاهه: (رپورٽر) نواب شاھ جي حقاني ڪالوني ۾ گھرو تڪرار تان سالي فدا شاھ ٻين ھٿياربندن سان گڏجي پنھنجي ڀيڻويي نواب شاھ ڪورٽ جي پٽيوالي غلام مرتضا شاھ کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.فائرنگ ۾ فوتي مرتضيٰ شاھ جو نوجوان پٽ تجمل شاھ زخمي ٿي پيو جنھن کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نواب شاھ منتقل ڪيو ويو آھي جڏھن ته لاش پيپلز ميڊيڪل اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.هوڏانهن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي جڏهن ته واقعي کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويا آھن جنهن جي ڳولا لاءِ پوليس طرفان ڇاپا هنيا پيا وڃن.










