نوابشاهه ۾ فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

نوابشاهه ۾ فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

نوابشاهه (ن س) نوابشاهه ضلعي ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ 6 ماڻهو مارجي ويا جڏهن اهي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ وڃي رهيا هئا. پوليس موجب، واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو آهي، نوابشاهه ۾ بدقسمت واقعو بي سيڪشن پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ڪيريو موري علائقي ۾ پيش آيو، جتي پراڻي دشمني جي بدلي ۾ مخالفن پاران 6 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو.پوليس موجب، فوت ٿيندڙن مان 5 جو تعلق ڀنگوار برادري سان ٻڌايو پيو وڃي. پوليس 6 ماڻهن جي موت جي تصديق ڪئي آهي. فوت ٿيندڙ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ لاءِ وڃي رهيا هئا.ڀنگوار برادري جي ماڻهن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران هٿياربند ماڻهن گوليون هڻي ماريو. لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته انهن واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. شروعاتي طور تي اهو معلوم ٿيو آهي ته مقتول جي ڪنهن سان دشمني هئي. وڌيڪ جاچ کانپوءِ تفصيل ٻڌائيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو