نوابشاهه (ن س)نوابشاهه شوگر مل ڀرسان مال بردار ٽرين جي هڪ بوگي پٽڙي تان لهي وئي، جنهن سبب ڊائون ٽريڪ تي ريل گاڏين جي آمدرفت معطل ٿي وئي.ريلوي اختيارين موجب، حادثي کانپوءِ متاثر بوگي کي پٽڙي تان هٽائڻ ۽ ٽريڪ جي مرمت لاءِ عملي سميت ضروري مشينري طلب ڪئي وئي آهي.ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽريڪ جي بحاليءَ لاءِ ڪم جاري رکڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.










