ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته بي آر ٽي تي اسٽي آرڊر بي ايماني جو ثبوت آهي. ھڪ بيان ۾ ھن چيو آھي ته ڪي پي حڪومت جي چيف منسٽر انسپيڪشن ٽيم ست ارب رپيا رشوت جي رپورٽ ڏني، جڏهن ته فارين فنڊنگ ڪيس ۽ مالم جبا ڪيس الڳ آهن. ھن چيو ته رابطا سڀني سان ڪيا ويندا آھن، جيڪو ھڪ جمھوري عمل آهي.ھن چيو ته ھنن جون سيٽون نه بچنديون. ھن چيو ته حليم عادل شيخ خلاف ڪا به انتقامي ڪارروائي نه پئي ٿئي. ھن چيو ته ھن سان جديد ھٿيارن سان ليس سوين ھٿياربند ھئا. ھن چيو ته ھن وقت تائين پورا ھٿيار برآمد ناھن ٿيا. ھن چيو ته اسان ڪنھن به قسم جي ھارس ٽريڊنگ تي يقين نه ٿا رکون. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته عوام ننڍي چونڊ ۾ شڪست ڏئي سليڪٽيڊ حڪومت خلاف فيصلو ڏنو، ھي ان خلاف ريفرنڊم ھو. وفاقي حڪومت سينيٽ چونڊن کي يرغمال بڻائي رھي آھي.










