ننڍي چونڊ، اين اي 247 مان فاروق ستار جا نامينيشن فارم منظور

ننڍي چونڊ، اين اي 247 مان فاروق ستار جا نامينيشن فارم منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 247 تي ننڍي چونڊ لاءِ اسڪروٽني جي آخري ڏينهن ايم ڪيو ايم پاڪستان جو اميدوار فاروق ستار جا نامينيشن فارم منظور ڪيا ويا فاروق ستار جي قومي اسيمبلي جو هڪ ۽ تڪ اين اي 252 مان نامينيشن فارم جي چنڊ ڇاڻ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کان پوءِ ٿيندو ان حوالي سان فاروق ستار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٽن تڪن ۾ نامينيشن فارم جمع ڪرايا آهن پارٽي فيصلو ڪندي ته ڪٿان اليڪشن وڙهڻي آهي هن ٻڌايو ته اين اي 252 جي فارم ۾ مسئلو آهي اميد آهي ته هتي انصاف ملندو فاروق ستار چيو ته پيپلزپارٽي راضپو ڏيکاري رهي آهي ان لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيون پيپلزپارٽي کي نئين تڪبندي ڪرڻ گهرجي سب گڏجي ويهي قومي مفادن تي هڪ ٿي وڃون پي ايس ايل جي حوالي سان هن چيو ته پي ايس ايل جو اهتمام هن ماحول ۾ سٺو قدم آهي هڪ اسٽيڊيم شهر کان ٻاهر هجڻ گهرجي ته جيئن ماڻهو پريشان نه ٿين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو