ننڍي عمر ۾ نڪاح ڪندڙ جوڙو هٿ، نڪاح پڙهائيندڙ مُلو فرار

ننڍي عمر ۾ نڪاح ڪندڙ جوڙو هٿ، نڪاح پڙهائيندڙ مُلو فرار

ٺل(عبدالنبي شيخ) بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پاران ننڍي عمر ۾ ٻارڙن جو نڪاح ڪرڻ جي اطلاع تي جونگل ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هنيو ته گهر ۾ موجود ڄاڃين ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ ڪيترائي ڄاڃي گهر ڇڏي ڀڃي ويا. جڏهن ته پوليس پاران بروقت ڪارروائي دوران 10 سالن جي نينگر جهانگير پٽ جانب پهوڙ جو 9 سالن جي نينگري ساجده ڌي لياقت پهوڙ کي هٿ ڪري ورتو جڏهن ته پوليس پهچڻ شرط ئي نڪاح پڙهائيندڙ مولوي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس ڪارروائي دوران گھوٽ جي والد جانب پهوڙ ۽ ڪنوار جي والد لياقت پهوڙ کي گرفتار ڪري بي سيڪشن ٿاڻي تي کڻائي وئي جتي گهوٽ ڪنوار جي والدين کي لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ ڪنوارگھوٽ کي بند ڪمري ۾ ويهاري ڇڏيو. پوليس موجب اسان کي اطلاع مليو ته ننڍي عمر جي ٻارڙن کي غيرقانوني شادي ڪرائي پئي وڃي جنهن تي اسان ڪارروائي ڪئي سين جتان نڪاح ڪرائيندڙ مولوي فرار ٿي ويو پر گھوٽ ڪنوار ۽ ان جي والدين کي هٿ ڪيو ويو آهي جنهن کي اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻئي طرف ننڍي عمر ۾ شادي ڪندڙ گھوٽ جهانگير پهوڙ ۽ ڪنوار ساجده پهوڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان رضا خوشي سان شادي ڪئي آهي ڪابه زبردستي ناهي ڪئي وئي اسان ٻئي شادي مان خوش آهيون پر پوليس اسان کي بلاجواز گرفتار ڪري کڻي آهي جيڪا اسان سان وڏي ناانصافي آهي. هنن چيو ته اسان پاڻ ۾ رشتيدار آهيون وڪرو ڪرڻ جي ڪابه ڳالهه ناهي ٿي. هنن چيو ته اسان کي آزاد ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو