ننڍن ڪاروبارن لاءِ بنا وياج قرض جا چيڪ جاري

ننڍن ڪاروبارن لاءِ بنا وياج قرض جا چيڪ جاري

جوهي (ن سنڌيار) سماجي تنظيم ٿرديپ رورل ڊولپمينٽ سڪسيس پروگرام پاران ننڍي ڪاروبار لاء بنا وياج جي قرض جا چيڪ مختلف ڳوٺاڻين تنظيمن کي ڏنا ويا. يونين ڪائونسل جوهي 2 ايل ايس او مدينا, ٽنڊو رحيم خان ايل ايس او آزاد جي مختلف ڳوٺاڻن کي 45 چيڪ تقسيم ڪيا ويا آھن  مسڪين عورتن کي ٿرديپ سڪسيس پروگرام پاران گهريلو ڪاروبار لاء چيڪ ڏنا ويا آھن  ٿرديپ جي  پروگرام آفيسر ثنا پنهور,جوهي يونٽ انچارج گلزار احمد ڀنڊ ,سعيد ابڙو , ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته علائقي جي مسڪين عورتن کي گهريلو ننڍي ڪاروبار لاء بنا وياج جا چيڪ تقيسم ڪيا ويا هنن چيو ته ٿرديپ جو مقصد آھي غريبن کي خوشحال بڻائڻ, ان موقعي تي مسڪين عورتن ڳالهائيندي چيو ته اسين ٿرديپ جا شڪر گذار آھيون جنهن اسان کي ننڍي ڪاروبار لاء بنا وياج جا قرضي جا چيڪ تقسيم ڪيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو