نمرتا ڪيس: عدالتي جاچ جمع کان، 40 ڄڻن کان پڇا ڳاڇا مڪمل

لاڙڪاڻو (عبدالوحيد ابڙو) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ پاران نمرتا ڪيس جي عدالتي جاچ جي اجازت ڏني وئي آهي ۽ لاڙڪاڻي جو ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج اقبال حسين ميتلو جمع 27 سيپٽمبر کان عدالتي جاچ شروع ڪندو. جاڄ ۾ آصفه ڊينٽل ڪالج جي وي سي سميت لاڳاپيل ملازمن جا بيان به قلمبند ٿيندا. سنڌ حڪومت طرفان نمرتا جي موت بابت جوڊيشل انڪوائري لاءِ سيشن جج لاڙڪاڻو کي خط لکيوهو جنهن جي جواب ۾ سيشن جج طرفان هاءِ ڪورٽ کي خط لکي جاچ شروع ڪرڻ بابت اجازت گهُري وئي هئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اختيارين اهڙي جاچ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ٻئي پاسي نمرتا جي پيءُ ۽ ڀاءُ طرفان نمرتا جي موت جو اڃان تائين ڪو به ڪيس داخل ناهي ڪرايو. سندن چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪرائڻ بابت سندن وڪيلن سان صلاح مشورا جاري آهن. جڏهن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش چيو آهي ته جاچ شفاف ۽ اڻ ڌُري انداز سان ڪئي ويندي ان دوران ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو. ايس ايس پي ٻڌايو آهي ته آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻو جي سينيئر پروفيسرن سميت 40 ماڻهن کان ڪيس جي ابتدائي پڇا ڳاڇا مڪمل ڪئي وئي آهي. جن ۾ نمرتا جا ڪلاس فيلو ۽ ويجها دوست به شامل آهن. ياد رهي ته مهراڻ ابڙو اقرار ڪيو آهي ته کيس شادي لاءِ نمرتا آڇ ڪئي هئي جيڪا هن ٺڪرائي هئي. هن اهو به اقرار ڪيو هو ته نمرتا ڪريڊٽ ڪارڊ کيس ڏنو هو جنهن تان هن ڪراچي مان پنهنجي ڀيڻ جي شادي جي شاپنگ به ڪئي هئي. هن موجب ان قصي جي نمرتا جي گهر وارن کي مڪمل ڄاڻ هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو