ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پوليس ڪراچي مان گم ٿيل نينگري نمرہ ڪاظمي کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دعا زهرا ۽ نمرہ ڪاظمي جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ ڪامران فضل ۽ ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته ان موقعي تي نمرہ ڪاظمي ۽ دعا زهرا جو گهروارو به موجود هو. پوليس نمرا ڪاظمي ۽ سندس مڙس کي عدالت ۾ پيش ڪيو.ٻڌڻي دوران عدالت نمره ڪاظمي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان پڙهو ٿا؟ ان تي نمرا چيو ته مان 10 ڪلاس ۾ آهيان.ڇوڪريءَ جي جواب ۾ جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته توهان جي عمر ٻيهر 18 سالن کان گهٽ ٿي ويندي، سنڌ ۾ قانون آهي ته 18 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪري شادي نٿي ڪري سگهي،ان تي نمراهه ڪاظمي چيو ته منهنجي ٽيسٽ ڪرائي وڃي،ڇوڪريءَ جي درخواست تي عدالت چيو ته اسان توهان جي ٽيسٽ ڪرائينداسين، توهان کي پناهه گاهه ۾ موڪلي رهيا آهيون، جيڪڏهن تنهنجي عمر 18 سال آهي ته توکي مڙس سان گڏ وڃڻ ڏينداسين.عدالت بعد ۾ نمره ڪاظمي جي عمر معلوم ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڇوڪري کي پناهه گاهه منتقل ڪري ڇڏيو.عدالت نمرا ڪاظمي جي عمر جي تعين بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 2 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










