نماڻي سنڌي جي ورسي، شاعرن ۽ اديبن پاران سندس ڏات جي ساراهه

نوشهروفيروز(ڊ ر) سنڌ جي جمالياتي ۽ مزاحمتي شاعر نماڻي سنڌي جي 16هين ورسي نماڻو سنڌي يادگار ڪاميٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ نوان جتوئي پاران سندس اباڻي ڳوٺ نوان جتوئي ۾ ملهائي وئي. جنهن کي خطاب ڪندي سنڌ جي نامياري شاعر حليم باغي چيو ته اسان اديبن جو گڏيل رچاءُ هوندو آهي ان رچاءُ ذريعي گيتن جي آبياري ٿيندي آهي. نماڻي جي شاعري ۾ يڪسانيت آهي هن جو درد ڌرتي جو درد هو، انسان جي آزمائش دل هوندي آهي ۽ نماڻي جي دل سورن سان ٽمٽار آهي. هن چيو ته نماڻي ٿر ۾ ويهي روهيڙي جي گلن جي آبياري ڪئي. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي چيو ته نماڻي جي پرورش به سنڌي ادبي سنگت ڪئي جيڪڏهن سنڌ جي قومي شاعري آهي ته ڀٽائي کي آئون قومي شاعر سمجهان ٿو جنهن سڄي شاعري ۾ لفظ سنڌ ٻه ڀيرا استعمال ڪيو پر وطن جو لفظ هر هنڌ استعمال ڪري اهو ثابت ڪيو ته شاعر وطن پرست ٿيندا آهن، نماڻو به وطن پرست شاعر هو. هن چيو ته سندس غزل سنڌي شاعري جو موڙ آهي ۽ پنهنجي شاعري ۽ ڌرتيءَ سان هن خوب نڀايو. نامياري اديب تاج جويي چيو ته نماڻو اسان جي قافلي جو همسفر هو، دماغ سان سوچڻ وارا ماڻهو ذوالفقار ڀٽو، پير علي محمد راشدي ۽ جناح بڻجي ويندا آهن پر دل سان سوچڻ وارا ماڻهو ڀٽائي، اياز ۽ نماڻو ٿيندا آهن. هن چيو ته نماڻي روهيڙي جي گلن ۾ آزادي جا رنگ ڏٺا هئا سندس خواب هو ته اهي گل آزاد فضا ۾ مهڪندا رهن. نامياري ليکڪ ۽ اديب آزاد قاضي چيو ته سنڌ جي ڳالهه نماڻي جي ڳالهه آهي هاڻي رواج پئجي ويو آهي ته هڪ ٻئي کي ساراهجي، سياسي سماجي، علمي ادبي مسئلا مصحلتن جي ور چڙهي ويا آهن هاڻي سنڌ جي اديبن ۽ قلمڪارن کي نماڻي جيان ڪردار ادا ڪرڻو پوندو تڏهن ئي نماڻي جي روح کي تسڪين ملندي. نماڻو ٻار، گل ۽ عورت جي تقدس جو قائل هو ۽ انهن جي تذليل ڪڏهن به برداشت نه ڪئي.

سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ نامياري شاعر ايوب کوسي چيو ته وطن کان سواءِ شاعر ۽ شاعري اڌوري هوندي آهي شاعر قومن جي زبان هوندا آهن پڀلو چلي جو شاعر پر شاهه عبداللطيف ڀٽائي اڄ بي وطن شاعر آهي وطن کان سواءِ شاعر جي ناهي سگهندو. هن چيو ته نماڻي جي شاعري تي اڀياسي پروگرام ٿيڻ گهرجن ۽ هن کي تخليقي پورهئي تي مان ملڻ گهرجي. قومپرست اڳواڻ حيدر جويي چيو ته سياست تحرڪ ڏيندي آهي تخليق ۽ تحرڪ جڏهن گڏجي پوندا آهن ته شاعر ڀڙڪو کائي اٿي پوندا آهن ون يونٽ واري زماني ۾ شاعرن، قلمڪارن پاڻ نڀايو هاڻ به سنڌ جي ڏات ڌڻين کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. نامياري شاعر جمن دربدر چيو ته نماڻي غريبي حال ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان نڀايو جيئن حليم، حاجي منهنجا ڀاڻيجا هئا نماڻو به منهنجو ڀاڻيجو هيو اسان هاڻي پنهنجو دشمن سڃاڻي چڪا آهيون اها فتح جي ايم سيد جي نظرئي جي آهي نماڻو به آزادي جو عاشق هو. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙي چيو ته نماڻو سنڌ جو اهڙو ڪردار هو جيڪو پنهنجي شاعري ۾ چانڊوڪي ۽ چيٽ جو عڪس چٽيو هو هن جا گيت روشني جا گيت هئا هن هميشهه قلمڪارن ۽ پورهيتن کي اهميت ڏني ۽ پورهيتن جي وڪالت جي نتيجي ۾ کيس پنهنجي نوڪري تان به هٿ ڌوئڻا پيا. نامياري شاعر مهر ڊٻائي چيو ته نماڻو مون نه ڏٺو پر ان جي شاعري مون کي اُتساهه ڏئي ٿي شاعر ئي ٻولي جا امين ٿيندا آهن هن ڌرتي جا گيت لکي پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو ۽ پنهنجي اصولن تي هن ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي. دُبئي کان ڪهي آيل نماڻي جو دوست امداد بلوچ چيو ته نماڻو سنڌ جو اهو شاعر هو جنهن مون کي موهي وڌو هو هن جي شاعري ۾ مون کي اُتساهه ملندو آهي دبئي جهڙي شهر ۾ به نماڻي کي ياد ڪيو ويندو آهي اها نماڻي جي نظرئي ۽ سندس خوبصورت شاعري جي فتح آهي. ان موقعي تي سڄي سنڌ مان آيل اديبن، شاعرن ادريس جتوئي، صفر ڪلهوڙو، گل مورو، حاجي ساند، معشوق ڌاريجو، قربان کوسو، عرس خاصخيلي، حبيب خاصخيلي، گدا خاصخيلي، يونس راهو، اسلم عباسي، امجد ميمڻ، ايم ظفر تڳر، خادم چانڊيو، سوز جتوئي، وزير فرهاد سولنگي، شاهنواز خاصخيلي ۽ ٻين پڻ نماڻي جي زندگيءَ تي روشني وڌي. جڏهن ته نماڻي جي شاعري جمن دربدر، شاهنواز خاصخيلي ۽ نامياري صوفي راڳي رباني چانڊئي ڳائي کيس خراج تحسين پيش ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو