نقيب الله محسود قتل ڪيس مان رائو انوار بري ٿي ويو

ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار سميت سڀني جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي. رائو انوار تي الزام هو ته هن 2018 ۾ جعلي پوليس مقابلي 27 سالن جي نقيب الله محسود کي اغوا بعد ماري ڇڏيو هو. عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته پيش ڪيل ثبوت رائو انوار تي ڏوهه ثابتڪرڻ لاءِ ناڪافي آهن ۽ سرڪاري وڪيل پڻ مٿس ڏوهه ثابت ڪرڻ م ڪامياب ناهي ٿيو. عدالت هي فيصلو 14 جنوري تي محفوظ ڪيو هو. فيصلي بعد عدالت ٻاهران رائو انوار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ انصاف جي فتح ٿي آهي. نقيب الله محسود جيڪو ڏکڻ وزيرستان جو هو ۽ ڪراچي ۾ رهندو هو انکي سندس ٽن ساٿين سميت 2018 ۾ طالبان .دهشتگرد قرار ڏئي ماريو ويو ههو رائو انووار سان 2 درجن ماتحت پوليس آفيسر ۽ اهلڪار هن ڪيس ۾ جوابدار هئا ۽ عدالت عدم ثبوت جي بنياد تي سڀني کي آزاد ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو