نقيب الله قتل ڪيس جو لکت وارو فيصلو جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله محسود قتل ڪيس جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. نقيب الله محسود قتل ڪيس جو لکيل فيصلو 42 صفحن تي مشتمل آهي، عدالت رائو انوار سميت 18 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته 7 مفرور جوابدارن جا مستقل گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، لکت واري فيصلي موجب ڪيس ۾ شڪ ظاهر ڪيا ويا آهن، شڪ جو فائدو اسلامي ۽ آفاقي اصولن تحت ملزم جي حق ۾ وڃي ٿو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي لکت واري فيصلي ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته مفرور جوابدار جڏهن به ۽ ڪٿي به مليا آهن انهن کي گرفتار ڪيو وڃي، رائو انوار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سي ڊي آر کي ثبوت طور پيش ڪيو ويو آهي. الزام هنيو ته رائو انوار کي پيشيوراڻي بدانتظامي جي بنياد تي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو، هڪ شاهد مٿس الزام هنيا، عدالت جي لکيل فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته عدالت جي نظر ۾ پراسيڪيوشن ڪيس ثابت نه ڪري سگهيو، تنهن ڪري جوابدار بري ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو