اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان سندس ايراني هم منصب سڪندر مومني فون تي رابطو ڪيو، جنهن ۾ هن ٻوڏ جي آفت ۾ مدد جي آڇ ڪئي.ايراني وزير داخلا پاڪستان ۾ خاص طور تي خيبر پختونخوا ۽ گلگت ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن فوت ٿيلن جي خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو، صبر جي دعا ڪئي ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ تعاون جي آڇ ڪئي.سڪندر مومني چيو ته پاڪستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، اسان آزمائش جي هن گھڙيءَ ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪستان ۾ ٻوڏ جي آفتن کي ڏسي تمام گهڻو ڏک ٿيو، جنهن ۾ سوين ماڻهو پنهنجن پيارن کان جدا ٿي ويا، اسان پاڪستاني عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهيون.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي ايراني هم منصب جو ٻوڏ متاثرين لاءِ مدد ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو.هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان جون خوشيون ۽ غم گڏيل آهن، موسمياتي تبديلي پاڪستان ۾ هڪ خوفناڪ آفت جو پيش خيمو بڻجي رهي آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان هن خطرناڪ موسمياتي صورتحال مان گذري رهيو آهي.محسن نقوي وڌيڪ چيو ته سڀئي ادارا ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ميدان ۾ آهن ۽ متاثرين جي بحالي ۽ امداد اولين ترجيح آهي.










