مردان(ڊيسڪ رپورٽ) ايڪسائيز انٽيليجنس پوليس نقلي فوجي ڪپتان جي وردي پائي منشيات سمگلنگ ڪندڙ همراهه کي گرفتار ڪري ورتو. خوشاب جي رهندڙ نقلي فوجي آفيسر کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 50 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو، مٿس ڪيس داخل ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل سندس انٽرويو ۾ هو ٻڌائي ٿو ته دوستن کيس باڙا مارڪيٽ مان وردي وٺي ڏني ۽ چرس پنجاب اسمگل ڪرڻ جو چيو. هن ٻڌايو ته هو خوشاب جو آهي ۽ تازو هن ڌنڌي ۾ آيو آهي. فوج کي بدنام ڪندڙ اسمگلر خلاف مختلف قلمن هيٺ مردان پوليس ڪيس داخل ڪيو آهي.










