’نفسياتي وائرس‘ هڪ ئي گهر جا 15 ڀاتي چريا ٿي ويا

’نفسياتي وائرس‘ هڪ ئي گهر جا 15 ڀاتي چريا ٿي ويا

دڙو (رپورٽ: شوڪت ميمڻ) ڳوٺ الھڏنو سولنگي ۾هڪ ئي گهر جي پنج عورتن سميت 11 ڀاتي نفسياتي بيماري جو شڪار ٿي ويا. گهر ڀاتين ڏاٽن، ڪاتين ۽ ڪهاڙين سان پنهنجي گهر جي ڀلوڙ مينهن ماري ڇڏي. واقعو سوشل ميڊيا تي اچڻ بعد ڊي سي سجاول جي حڪم تي صحت کاتي جي ٽيم ۽ دڙو پوليس ڳوٺ پھتي، ڳوٺ ۾ سخت خوف ۽ حراس ڇانيل آهي. گھر ڌڻي ايوب سولنگي سندس پٽن غلام حسين ، عرس، ارشد، درياھ خان ۽ شمشاد سولنگي ۽ 5 عورتن روشنا، نازيا، اَمي، گلناز ۽ حسنا سولنگي سميت ھڪ ئي گھر جا 11 ماڻھو نفسياتي وائرس ھئڻ سبب چريا ٿي ويا آهن. ڳوٺ جي چڱي مڙس غني سولنگي ۽ ٻين موجب گھر ڌڻي ايوب سولنگي جو پٽ غلام حسين سولنگي حيدرآباد ۾ مزدوري ڪندو ھو، 4 ڏينھن اڳ ڳوٺ آيو ھو، ۽ گھر ۾ چرين واريون عجيب و غريب حرڪتون ڪندو رھيو، جنھن کانپوء گھر جي سمورن ڀاتين کي اھو وائرس لڳي ويو. سمورا ڀاتي ويڙھ جھيڙو ۽ ھڪ ٻئي کي کائڻ پٽڻ لڳا، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اڄ صبع سڀني گهر ڀاتين گڏجي ھٿن ۾ ڏانٽا ۽ ڪھاڙيون لٺيون کڻي گھر ۾ بيٺل ڀلوڙ مينھن تي تشدد ڪري کيس ماري ڇڏيو، گھر ۾ ھل ھنگامي ۽ رڙين تي ڳوٺاڻن پھچي ذھني توازن وڃائيندڙ سمورن گھر ڀاتين کي رسن سان ٻڌي انتظاميا کي اطلاع ڪيو. ھوڏانھن ڊپٽي ڪمشنر سجاول جي نوٽيس وٺڻ بعد صحت کاتي سجاول جي ٽيم ۽ دڙو پوليس متاثر ڳوٺ پهتي. ڳوٺ پھتل ڊاڪٽر جعفر عالماڻي موجب شروعاتي طور تي سمورن متاثر ذھني مريضن کي سجاول سول اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي، چڪاس بعد سمورن ماڻهن کي ڪراچي يا حيدرآباد جي دماغي اسپتال منتقل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو