ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)عدالتي حڪم تي ٿمل ڪرائڻ لاءِ ضلعي انتظاميا نصلا ٽاور جي رهواسين کي عمارت خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، اوڀر ضلعي جي انتطاميا طرفان جاري نوٽيش ۾ نصلا ٽاور جي رهواسين کي 27آڪٽوبر تائين عمارت خالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نصلا ٽاور کي خالي ڪرڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر فيروز آباد نوٽيس جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ نظرثاني درخواست رد ڪئي هئي، نوٽيس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪمشنر ڪراچي کي عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائڻي آهي، عمارت خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ياد رهي ته شاهراهه فيصل لڳ واقع نصلا ٽاور رستي تي قبضو ڪري چائنا ڪٽنگ ڪندي ٺاهيو ويو هو. جنهن کي عدالت غيرقانوني قرار ڏنو هو.










