نصرت ڀٽو ايئرپورٽ تي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مشق

نصرت ڀٽو ايئرپورٽ تي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مشق

سکر (امداد علي ڪلوڙ) پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي پاران بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ سکر تي ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سالياني ڦُل اسڪيل ايمرجنسي مشق منعقد ڪئي وئي، جنهن جو مهمان خاص ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر هيو. مشق ۾ سول ايوي ايشن، ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس، ايئرپورٽ عملي، ايڌي ايمبولنيس سروس، پوليس، طبي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اهلڪارن وڏي انگ ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي علامتي طور فائر پـِٽ ۾ باهه لڳڻ ۽ اي ٽي آر جهاز مان مسافرن کي ريسڪيو ڪيو ويو. مشق جي نگراني ايئرپورٽ مينيجر عبدالسعيد عباسي ۽ فائر آفيسر شيرعلي ڪري رهيا هئا. ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ تي جاري ايمرجنسي مشق جو دورو ڪيو ۽ امدادي توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي. ڪمشنر سکر جو چوڻ هو ته هوائي اڏا ڪنهن به شهر لاءِ تمام گهڻي اهميت رکن ٿا اُنهن جي سڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي. هن چيو ته هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايمرجنسي مشقون ڪرڻ سٺو سنوڻ آهي ان سان ادارن ۽ انتظاميه وچ ۾ ويجهو رابطو ۽ سهڪار قائم ٿئي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو