هيٺانهن علائقن ۾ پاڻي جي نيڪال جو عمل جاري آهي: مرتضيٰ وهاب

هيٺانهن علائقن ۾ پاڻي جي نيڪال جو عمل جاري آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، قانون بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته نشيبي علائقن ۾ پاڻي جي نيڪال جو عمل جاري آهي، برساتي نالن ۾ جتي جتي چوڪنگ پوائنٽس آهن انهن کي کوليو ويو آهي، برساتي نالن جي صورتحال بهتر آهي ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال جي لاءِ پمپس ۽ مشينري جو استعمال ڪيوپيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس جي رات چئين پنجين وڳي تائين شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بلديه عظميٰ ڪراچي، ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشنز، سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ جا آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب جي هدايت تي ميٽروپول، شيرين جناح ڪالوني، کارادر، شاهين ڪامپليڪس، پي آءِ ڊي سي ۽ ٻين علائقن ۾ پمپس لڳا ويا آهن ته جيئن برسات سان گڏوگڏ پاڻي جي نيڪال جو عمل به جاري رهي. هن لياري مارڪيٽ، کارادر ۽ چاڪيواڙا جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ برسات سبب پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ايمپريس مارڪيٽ، نمائش ۽ گرومندر جي علائقن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نمائش کان لائنز ايريا، پيپلز چورنگي، ڪشمير روڊ ۽ خداداد ڪالوني جي دوري جي موقعي تي هن هدايت ڏيندي چيو ته هنن روڊن تي جيڪو عملو مقرر ٿيل آهي 24 ڪلاڪ پنهنجا فرض ادا ڪري ته جيئن پاڻي جي نيڪال ۾ ڪا به رڪاوٽ اچي ته ان کي فوري ختم ڪيو وڃي. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي طارق روڊ، چار مينار چورنگي، بهادرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي دوري جي موقعي تي انهن شاهراهن تي ٽريفڪ جي رواني کي بحال رکڻ جي لاءِ سٽي وارڊنز مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن برسات دوران ٽريفڪ جي رواني کي بحال رکيو وڃي. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته گجر نالي ۽ ٻين ننڍن نالن مان پاڻي جو نيڪال جاري آهي، نالن مان مسلسل ڪچرو ڪڍيو پيو وڃي ۽ مختلف علائقن مان پاڻي سان گڏ ڪچرو انهن نالن ۾ اچي ٿو ان کي به فوري هٽايو پيو وڃي. ڪي ڊي اي چورنگي، ناگن چورنگي ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي دوري جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل طلحه سليم ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي پاڻي جي نيڪال جي ڪمن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڊي ايم سي سينٽرل جا آفيسر ۽ عملو روڊن تي موجود آهي ۽ مسلسل ڪم ۾ مصروف آهي. هن چيو ته سينٽرل ضلعي جي علائقن سرجاني ٽائون ۾ تيز برسات جي ڪري پاڻي جمع ٿيو آهي جنهن کي مسلسل ڪڍيو پيو وڃي. ايم ڊي سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ زبير چنا ان موقعي تي عملي هدايت ڪئي ته پاڻي جي نيڪال کان بعد جلد صفائي سٿرائي ڪئي وڃي. هن ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي ٻڌايو ته نشيبي علائقن ۽ گهٽين ۾ جتي جتي پاڻي موجود آهي اتي صفائي ڪئي پئي وڃي ته جيئن شهرين کي تڪليف کي منهن نه ڏيڻو پوي. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ڪورنگي ڪاز وي تي برساتي پاڻي جمع ٿيڻ جو نوٽس وٺندي ڊي ايم سي ڪورنگي جي ايڊمنسٽريٽر کي هدايت ڪئي ته ڪاز وي مان پاڻي جي نيڪال کي جلد ممڪن بڻايو وڃي. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته موسميات کاتي عيد جي ڏينهن ۾ به برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي ان لاءِ لاڳاپيل آفيسر ۽ عملي کي چوڪس رهڻ گهرجي ۽ پنهنجا فرض ادا ڪرڻ جي لاءِ روڊن تي موجود رهن. هن چيو ته هو پاڻ عيد جي ڏينهن ۾ شهر جو دورو ڪري انهن جي ڪمن جو جائزو وٺندو.

پهنجو تبصرو موڪليو