لاهور(ويب ڊيسڪ)ايشيا ڪپ 2022ع جي پاڪ افغان ميچ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه جي شاندار ڪارڪردگي کانپوءِ مداحن سندس آفيشل ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ ڳولي ورتو.افغانستان خلاف ميچ ۾ جڏهن پاڪستان ميچ هارائڻ وارو هو ته آخري لمحن ۾ نسيم شاهه جي 2 ڇڪن گرائونڊ جو سمورو منظر بدلائي ڇڏيو.هن پاڪستان کي غير متوقع فتح ڏياري جنهن کانپوءِ ٽيم ايونٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.ميچ ختم ٿيندي ئي نسيم شاهه جي افغانستان خلاف آخري منٽ جي پرفارمنس جون وڊيو ڪلپس ۽ ايڊيٽز سمورن سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي وائرل ٿي ويون، جڏهن ته ڪرڪيٽ جي مداحن فاسٽ بالر جو آفيشل ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ ڳولي ورتو.نسيم شاهه گهڻو ڪري پنهنجي مداحن طرفان ايڊٽ ڪيل وڊيوز پنهنجي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ تي اپ لوڊ ڪيو آهي.










