ڪراچي(اسٽف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نسلا ٽاور کي ڪنٽرولڊ بلاسٽنگ ذريعي مسمار ڪرڻ جي لاءِ ڪمشنر ڪراچي ايف ڊبليو او ۽ ڊي جي ايس بي سي اي کي خط لکي ڇڏيو تھ سوئي سدرن عمارت جو گئس ڪنيڪشن ڪٽي ڇڏيو آھي. ڪمشنر ڪراچي طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آھي تھ سپريم ڪورٽ 7 ڏينھن ۾ فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي، نسلا ٽاور جي ڪنٽرولڊ ڊيموليشن ۾ ايف ڊبليو او انتظاميا کي سھڪار فراھم ڪري ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ ٻن ڏينھن ۾ ٽيڪنيڪل ۽ سيسمڪ سروي مڪمل ڪري آگاھ ڪيو وڃي. ان کانسواءِ ڪمشنر ڪراچي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي بھ تعاون جي لاءِ خط لکيو آھي، جنھن ۾ چيو ويو آھي تھ 7 ڏينھن ۾ نسلا ٽاور کي ڪنٽرولڊ ڊيموليشن جي ذريعي مسمار ڪرڻو آھي ۽ عدالتي حڪم آھي تھ ٻن ڏينھن ۾ ٽيڪنيڪل سروي مڪمل ڪري رپورٽ ڪمشنر آفيس ۾ جمع ڪرائي وڃي. ڪمشنر ڪراچي نسلا ٽاور کي ڪنٽرولڊ ڊيموليشن جي معاملي تي لاڳاپيل ادارن جي سربراھن سان مشاورت جو فيصلو ڪيو آھي جنھن جي لاءِ اجلاس اڄ شام ٿيندو.










