نرلي مائينر جي پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جواحتجاج

نرلي مائينر جي پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جواحتجاج

ڏھرڪي ( ن سنڌيار) نرلي مائينر جي آبادگارن جو فصل لاءِ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ڌرڻي کي خطاب ڪندي غلام مصطفيء شر. حاجي بابل الدين شر ،علي حيدر ،ارشاد علي،اشرف ميراڻي ۽ ٻين چيوته ھر سال فصل جي موسم ۾ ھٿرادو پاڻي جي کوٽ ڪري آبادگارن سان ظلم ڪيو ويندو آھي ھنن چيو ته ايريگيشن جي آفيسرن اسان رابطو ڪيو آھي ته انھن چيو ته پڇڙي جي زميندارن پاڻي بند ڪرايو آھي ھنن وڌيڪ چيو ڪپھ ۽ ڪمند جي فصل کي پاڻي جي سخت ضرورت آهي ۽ نرلي مائينر ۾ پاڻي ناھي نرلي مائينر جا آبادگار پريشان آهن ھي ٽائم فصلن کي پاڻي ڏيڻ جو آھي ايريگيشن انجنيئر ظالم آھي ۽ اسين ھن جي ظلم سبب احتجاج ڪري رهيا آهيو ن پر سنڌ جي زمين کي بنجر بڻائڻ لاءِ ھر سال غريب مسڪين ھارين جو پاڻي بند ڪري وڏيرن ۽ جاگيردارن جي واھن کي پاڻي ڏنو ويندو آھي اسان گزارش ڪيون ٿا چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ پاڪستان ۽ ٻين وس وارن کي ته خدارا اسان آباگارن سان انصاف ڪيو نرلي مائينر کي پاڻي ڏيو جيڪڏھن نرلي مائينر کي پاڻي نه ڏنو ويو ته اسان احتجاج جو دائرو وڌائينداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو