سلطانپور (ن سنڌيار) سلطانپور واسي نوجوان ڪراچي ۾ مبينا طور ھٿياربندن ھٿان قتل ٿي ويو . پنون عاقل تعلقي جي ڳوٺ نرش واسي پورهيت عطاءُ الله ڪلهوڙو ڪراچي جي ڀٽائي آباد واري علائقي ۾ رات دير سان مبينا هٿيار بندن هٿان قتل ٿي ويو . پورھيت عطاءُ الله ڪلهوڙو ڪراچي جي ھڪ فيڪٽري ۾ سيڪورٽي گارڊ طور ڪم ڪندو ھو . رات دير سان ٻه بجي نامعلوم ھٿياربند گهر اندر داخل ٿي ڪري کيس گوليون هڻي قتل ڪري ويا آهن . مقتول جي لاش کي ڳوٺ آندو ويو آھي جنهن بعد گهر ڀاتين ۾ ڪُهرام مچي ويو آهي.










